لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش ڪپتان ناصر حسين به آءِ سي سي جي ٻٽي معيار تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ ناصر حسين چيو ته جيڪڏهن بنگلاديش جي جاءِ تي ڀارت وينيو تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ها ته آءِ سي سي ڇا ڪري ها؟ ڇا آءِ سي سي ڀارت کي به ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏي ها؟
هن چيو ته آءِ سي سي کي بنگلاديش ۽ پاڪستان سان به ڀارت وانگر برابري جي بنياد تي ورتاءُ ڪرڻو پوندو.
اڳوڻي انگلش ڪپتان جو چوڻ هو ته بنگلاديش پنهنجي موقف تي قائم آهي، هنن پنهنجي رانديگر لاءِ آواز اٿاريو، پاڪستان بنگلاديش جو ساٿ ڏئي سٺو ڪم ڪيو، ڪنهن نه ڪنهن کي اٿي اهو ضرور چوڻو پوندو ته سياست گهڻي ٿي وئي، هاڻي اچو ته ڪرڪيٽ کيڏيون.
ناصر حسين وڌيڪ چيو ته ڀارت اوچتو سياسي دٻاءَ سبب مستفيض الرحمان کي ٻاهر ڪري ڇڏيو، پهريان محسوس ٿيندو هو ت راند ۾ سياست اچي وئي آهي پر هاڻي ڏسئون ٿا ته ڪرڪيٽ ۾ سياست اچي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن هٿ نٿا ملايو، ڪڏهن ٽرافي نٿا وٺو، جيڪڏهن توهان پاڪستان ۽ بنگلاديش تي دٻاءُ وجهندا رهندئو ته ڪرڪيٽ تباهه ٿي ويندي.
ڀارت جي وينيو تبديلي جو مطالبو ڪري ها ته ڇا آءِ سي سي ان کي به ڪڍي ڇڏي ها؟ ناصر حسين
You might also like