رمضان کان اڳ مهانگائيءَ جو جِن بوتل مان نڪري آيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مهانگائيءَ جو جن بوتل مان نڪري آيو ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا.
سبزي، ميون سميت عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سبب عوام پريشان آهي.
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٽماٽو 40 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 120 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، بيسڻ 320 مان وڌي 350 رپيا ڪلو، تيل ۽ گيهه 500 مان وڌي 550 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي.
هوٽلن تي چانهه به مهانگي ٿي وئي آهي ۽ 80 رپيا ملندڙ ڪوپ 100 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته بيضن ۽ ڪيلن جو اگهه پڻ وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.