قازقستان جو پاڪستان مان 50 هزار ٽن پٽاٽا گهرائڻ جو ارادو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قازقستان پاڪستان مان 50 هزار ٽن پٽاٽا درآمد ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
واپار واري وزارت موجب اها اڳڀرائي وزيراعظم شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر وچ ۾ تازي گفتگو دوران سامهون آئي.
واپار واري وزارت ٻڌايو ته پٽاٽي جي برآمد لاءِ اپريل کان جون 2026 تائين ٽائم لائن طئي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پاڪستاني برآمد ڪندڙ قازقستاني درآمد ڪندڙن کي معياري پٽاٽن جي فراهمي يقيني بڻائيندا.
بيان موجب ان مقصد لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل اختيارين وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ واپاري معاملن تي مشاورت به مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن برآمدي عمل کي اثرائتو بڻائي سگهجي.
واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي زرعي شعبي، خاص طور پٽاٽي جي پيداوار ۾ برآمدي سگهه موجود آهي، جڏهن ته قازقستان طرفان وڏي مقدار ۾ پٽاٽو درآمد ڪرڻ ۾ دلچسپي پاڪستاني هارين ۽ برآمدي شعبي لاءِ هاڪاري اڳڀرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.