دبئي(ڪامران خان) پاڪستان جو دستاويزي ڪاروبار پنهنجي بقا جي جنگ لڙهي رهيو آهي. پراپرٽي کان وٺي رٽيل ۽ هول سيل تائين معيشت جو وڏو حصو مڪمل طور تي نقد ٽرانزيڪشن تي ٻڌل آهي.اهو خاص طور تي رٽيل ڪاروبار لاءِ ڏکيو ثابت ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اهو ممڪن ناهي ته توهان منظم ۽ دستاويزي ڪم ڪري سگهو. رٽيل سيڪٽر ۾ جيڪي ايماندار آهن، اهي ڪيترن ئي مسئلن ۾ پئجي رهيا آهن. جيڪڏهن اها صورتحال اهڙي ريت جاري رهي، ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سڄو ڪاروبار بند ٿي سگهي ٿوٽيڪس جو نظام ايئن آهي جو هڪ ايماندار ڪاروبار جو گذرڻ ناممڪن آهي. ڪو به فوڊ آئوٽليٽ اهو نٿو چئي سگهي ته هن کي مناسب منافعو مليو، ڇاڪاڻ ته ٽيڪس جي شرح اهڙي آهي جو اهو عملي طور ناممڪن آهي.. يعني 100٪ کان وڌيڪ ٽيڪس، جنهن سبب ان جي ايڪوٽي منفي ٿي وئي،وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي کان پوءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر تي ٽيڪس 39 سيڪڙو ناهي، پر 10سيڪڙو سپر ٽيڪس سان گڏ 39 سيڪڙو ٿي ويو آهي، ايڊوانس ٽيڪس، وِڌ هولڊنگ ٽيڪس، ۽ پروڊڪشن ليويز گڏائي وڃي ته ڪمپنين تي مجموعي طور 58 سيڪڙو ٽيڪس ٿيندو. اهو هڪ عام ايماندار ڪاروبار لاءِ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شرح سان غيردستاويزي ڪاروبار کان مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.ريٽيل ڪاروبار لاءِ صورتحال تباهه ڪندڙ آهي. ڪراچي ۾ ڪارفور جو وڏو اسٽور بند ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو دستاويزي رٽيل ڪاروبار هو، جيڪو ٽيڪس بچائي نه سگهيو. دستاويزي ڪاروبار لاءِ منافعي ۾ هلڻ تقريباً ناممڪن ٿي چڪو آهي.ملڪ ۾ 37 لک رٽيل دڪان آهن، جنهن مان صرف 7 لک ٽيڪس نيٽ ۾ شامل آهن. باقي 30 لک نه آهن. نتيجو اهو نڪتو ته هر نئون ٽيڪس انهن ڪجهه ڪاروبارن تي لاڳو ڪيو وڃي ٿو جيڪي اڳ ۾ ئي قانون موجب ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.گهڻيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار وڪڻي چڪيون آهن يا اسڪيل ڊائون ڪري چڪيون آهن، جهڙوڪ شيل، هونڊا سوزوڪي، يوني ليور وغيره.ڊاڪٽيومينٽيڊ ڪاروبار هاڻي مقابلي جو قابل ناهي، ۽ غير دستاويزي ڪاروبار تيز ترقي ڪري رهيو آهي. سپر ٽيڪس، ايڊوانس ٽيڪس، ۽ ٻين ٽيڪسن جي وڌيڪ شرح ڪاروبار کي بند ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.نتيجي طور ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ٻاهر وڃي رهي آهي، سينئر انڪم ٽيڪس ماهر ذيشان مرچنٽ چيو ته مون کي ڊپ آهي ته هي سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سڄو ڪاروبار بند ٿي ويندو،اهو هن ملڪ سان الميو آهي ته توهان ايمانداري سان ڪاروبار ڪندڙن کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيو،هن چيو ته هڪ ريسٽورنٽ جي ڪل آمدني 5 ڪروڙ هئي، پرايف بي آر جي سسٽم موجب ٽيڪس 6 ڪروڙ تي حساب ڪيو ويو،اهو ڪهڙو انصاف آهي؟