ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪيو:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ڳالهين ذريعي اهڙو رستو نڪري اچي، جنهن سان علائقي مٿان اڀرندڙ خطرا ختم ٿي وڃن,وفاقي ڪابينا جي اجلاسکي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايران ۾ هن وقت جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان حوالي سان پاڪستان هڪ ڀاءُ جي حيثيت سان جيڪو ڪجهه ڪري سگهيو، اهو ڪردار ادا ڪيو آهي۔هن چيو ته منهنجون سميت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جون مختلف وقتن تي ايراني قيادت سان باقاعده روبرو ملاقاتون ڪيون، ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون ۽ مختلف هنڌن تي رابطا ڪيا. وزيراعظم موجب، “ڀاءُ جي حيثيت سان جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، اسان اهو ادا ڪيو آهي۔”وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قطر، ترڪي، مصر، عمان ۽ سعودي عرب سان گڏجي مڪمل ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڳالهين ذريعي اهڙو حل نڪري اچي، جنهن سان علائقي ۾ موجود خطرا ختم ٿي وڃن ۽ علائقي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي،هن چيو ته بلوچستان ۾ فتنه خوارج ۽ فتنه هندستان دهشتگرد حملو ڪيو، جنهن جو اسان جي بهادر فوجن ڀرپور جواب ڏنو۔ جوابي ڪارروائي دوران 180 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگرد حملن ۾ 17 جوان ۽ 31 شهري شهيد ٿيا،وزيراعظم چيو ته “معرڪهٔ حق” ۾ دشمن کي شڪست ڏني وئي آهي، بي هٿيار شهرين کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان جي شهيدن جون قربانيون رنگ لائينديون، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو۔هن جو چوڻ هو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف سيسا پگھلائي ڀت وانگر گڏ بيٺي آهي، مزدورن ۽ ٻارن جي قتل تي سڄي قوم ڏک ۽ افسوس ۾ مبتلا آهي،هن ٻڌايو ته ڪي پي جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ سٺيون ڳالهيون ٿيون،کيس يقين ڏياريم ته وفاق خيبرپختونخوا سان مڪمل سهڪار ڪندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.