راجپال کي يادَو کي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو جا قانوني مسئلا سنگين رخ اختيار ڪري ويا، دهلي هاءِ ڪورٽ اداڪار کي جيل اختيارين آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، راجپال نورنگ يادَو کي 4 فيبروري تائين پاڻ کي اختيارين حوالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، راجپال مهلت وڌائڻ جي درخواست داخل ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس 50 لک رپين جي رقم جو بندوبست ڪرڻو هو، پر دهلي هاءِ ڪورٽ اها درخواست رد ڪري ڇڏي.
ٻه فيبروري تي راجپال کي اربع تائين سرينڊر ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، جنهن تي سندس وڪيل 50 لک رپين جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت گهري.
جسٽس سورنا ڪانتا شرما چيو ته مون انهيءَ ئي ڏينهن اهي دليل رد ڪري ڇڏيا هئا ۽ اوهان کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻه ڏينهن ڏنا هئا، مون کي نٿو لڳي ته ڪو بنياد موجود آهي، اوهان کي هڪ مخصوص ڏينهن سرينڊر ڪرڻو هو، پر جيئن اوهان چيو هو ته اوهان ممبئي ۾ آهيو، تنهنڪري اوهان کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي، اڄ اوهان کي شام 4 وڳي سرينڊر ڪرڻو پوندو.
هنن راجپال طرفان عدالت جي حڪمن تي بار بار عمل نه ڪرڻ تي تبصرو ڪندي چيو ته ائين هو گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ڀيرا ڪري چڪو آهي، سندس رويو پوئين حڪم ۾ به ڄاڻايو ويو آهي، هن ڪنهن حڪم ڪنهن حلف نامي تي عمل نه ڪيو، مون کي نٿو لڳي ته هاڻي سندس لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي جي ڪا گنجائش باقي آهي.
هي حڪم ڊگهي عرصي کان جاري چيڪ بائونس ڪيس ۾ ٺاهه جي شرطن کي پورو نه ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي.
راجپال يادَو جو انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ سفر ڪنهن بلاڪ بسٽر کان گهٽ نه رهيو آهي، پنهنجي ڪيريئر دوران هن ڀول ڀليا، هنگاما، ڍول، ڇپ ڇپ ڪي، پھر هيرا ڦيري جهڙين فلمن ۾ شاندار اداڪاري ڪئي آهي.
راجپال يادَو جي آخري ڀيرو وڏي اسڪرين تي نمائش فلم بيبي جان هئي، جنهن ۾ هو ورون ڌون ۽ ڪيرتي سريش سان گڏ نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.