”واهپيدارن سان زيادتي آهي“ سينيٽ ڪميٽي بينڪن کي ايس ايم ايس چارجز وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪمرشل بينڪن کي واهپيدارن کان ايس ايم ايس سروس چارجز وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪميٽي چيئرمين ايس ايم ايس سروس چارجز بابت شڪايتن جو معاملو اٿاريو.
هن اسٽيٽ بينڪ گورنر کان پڇاڻو ڪيو ته اهو ڪهڙو طريقو آهي ته واهپيدارن کان ايس ايم ايس سروس جون چارجز وصول ڪيون پيون وڃن؟ بينڪون ان ذريعي اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن.
ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ گورنر جميل احمد ٻڌايو ته بينڪ ايس ايم ايس سروس واهپيدارن جي رضامندي سان فراهم ڪندا آهيون ۽ جيڪو واهپيدار اها سهولت وٺندو آهي، ان کان چارج وصول ڪئي ويندي آهي.
ڪميٽي چيئرمين ريمارڪس ڏنا ته اسٽيٽ بينڪ گورنر سدائين جيان نجي بينڪن جي وڪالت ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ايف بي آر به واهپيدارن کي پيغام موڪليندو آهي، ڇا اهو چارجز وصول ڪندو آهي؟
ان تي ايف بي آر چيئرمين چيو ته بينڪون چارجز وصول ڪنديون آهن، جيڪا واهپيدارن سان زيادتي آهي.
اسٽيٽ بينڪ گورنر چيو ته بينڪون واهپيدارن کان في ايس ايم ايس تي 0.56 کان 0.89 پيسا تائين چارج ڪنديون آهن، ان کانسواءِ ڪا واڌو رقم وصول ناهي ڪئي ويندي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ بينڪ کي اصولي طور ايس ايم ايس چارجز وصول ڪرڻ کان روڪڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.