گوگل جي طرفان جيمنائي لاءِ امپورٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽس نالي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
بنيادي طور هي فيچر چيٽ جي پي ٽي واهپيدارن کي مستقل طور جيمنائي ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هن فيچر سان واهپيدار پنهنجي چيٽ جي پي ٽي يا ڪنهن به اي آءِ چيٽ بوٽ جي مڪمل چيٽ هسٽري کي جيمنائي ۾ منتقل ڪري سگهندا.
اهڙي ريت اهي جيمنائي ۾ پنهنجن منصوبن، ترجيحن ۽ ٻين شين کان محروم نه ٿيندا.
واهپيدارن لاءِ چيٽ جي پي ٽي يا ٻين کان جيمنائي اي آءِ پليٽ فارم تي منتقل ٿيڻ آسان ٿي ويندو.
اي آءِ چيٽ بوٽس عام طور ڪنهن واهپيدار جي پراڻين چيٽس کي نظر ۾ رکي پنهنجا جواب فراهم ڪندا آهن.
ڪنهن چيٽ بوٽ جو ڊگهي عرصي تائين استعمال پرسنلائيزيشن جو عمل ممڪن بڻائيندو آهي ۽ اهڙو ڪنهن نئين چيٽ بوٽ ۾ منتقل ٿيڻ وقت ڏکيو هوندو آهي.
رپورٽ موجب، گوگل طرفان اڃا هن فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي ۽ ان جو مقصد چيٽ جي پي ٽي واهپيدارن کي آساني سان جيمنائي ۾ منتقل ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
هي فيچر اڃا جيمنائي جي ويب ورزن جي بيٽا آپشن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته تمام جلد ان کي سمورن واهپيدارن لاءِِ متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽ موجب، هي فيچر اڃا چيٽ جي پي ٽي، گروڪ ۽ ڪلائوڊي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
واهپيدارن کي اصل سروس مان پنهنجي چيٽ ڊيٽا کي ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوءِ ان فائل کي جيمنائي ۾ اپ لوڊ ڪرڻو پوندو آهي.