ويٽيڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ ليو خبردار ڪيو آهي ته مرد اي آءِ چيٽ بوٽ گرل فرينڊ سان جذباتي تعلق قائم نه ڪن ته نه تڪليف کي منهن ڏيندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب پوپ چيو ته اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ اها ڳالهه ڄاڻڻ انتهائي ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ته اسان انسانن سان ڳالهائي رهيا آهيون يا بوٽس سان.
پوپ سماجي مواصلات جي عالمي ڏينهن تي ڪيٿولڪس لاءِ هڪ اپيل جاري ڪئي، جنهن ۾ هن انساني آوازن ۽ چهرن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏنو.
پوپ موجب جيڪڏهن ماڻهن جو ڌيان اي آءِ ڏانهن ٿي ويو آهي ۽ ٻين انسانن سان گڏ نٿا رهن ته ڪو رشتو يا دوستي نه رهندي.
پوپ چيو ته چهرا ۽ آواز مقدس هوندا آهن، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان انساني تهذيب جي بنيادي ٿنبن کي خطرو آهي.
هن خبردار ڪيو ته اي آءِ چيٽ بوٽ امڪاني طور تي لطف اندوز ڪندا آهن پر اهي گمراهه ڪندڙ هوندا آهن.
You might also like