جماعت اسلامي تي دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس ٿيڻ گهرجي ها: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته جماعت اسلامي خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل هجڻ گهرجن ها.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حافظ نعيم کي پيغام پهچايو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو روڊ بند نه ڪيو، جماعت اسلامي کي احتجاج ڪرڻو آهي ته مرڪزي روڊ تي نه سروس روڊ تي ڪري، جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پريس ڪلب ٻاهران ڪري.
هن چيو ته ڪنهن کي روڊ بند نه ڪرڻ ڏينداسين، زبردستي ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، جماعت اسلامي شاهراهه فيصل بند ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل هجڻ گهرجن ها، ائين ٿيو ته اڳتي ڪنهن کي روڊ بند ڪرڻ جي همت نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.