آن لائين گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي ٽن ڀينرن آپگهات ڪري ڇڏيو

غازي آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ آن لائين گيم کيڏڻ کان منع ڪرڻ تي ٽن ڀينرن عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، اهو افسوسناڪ واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر غازي آباد ۾ پيش آيو، جتي آن لائين گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي ٽن ڀينرن عمارت جي نائين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، 12 ورهين جي پاڪھي، 14 ورهين جي پراچي ۽ 16 ورهين جي ويشيڪا مبينا طور هڪ آن لائين ڪورين گيم جي جنون ۾ وڪوڙيل هيون، جڏهن ته ٽنهي ڀينرن ٻه سال اڳ اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو هو.
رپورٽن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ٽنهي ڀينرن گيم کان متاثر ٿي پنهنجا نالا به ڪورين طرز تي رکي ڇڏيا هئا، جنهن سبب والدين طرفان گيم کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، ان پابندي بعد ٽنهي ڀينرن رات جي وقت پنهنجي نائين ماڙ واري اپارٽمينٽ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا موجب، ڇوڪرين جي ڪِرڻ جي آواز تي والدين ڪمري ڏانهن ويا، جتي دري کليل هئي ۽ ٽنهي ڀينرن جي آپگهات ڪرڻ جو پتو پيو.
جاچ دوران پوليس کي ڇوڪرين جي ڪمري مان هڪ ڊائري به ملي، جنهن ۾ گيمنگ ۽ موبائل سرگرمين بابت تفصيل لکيل هئا.
ڊائري ۾ لکيل هو ته ”هن ڊائري ۾ جيڪو ڪجهه به لکيل آهي اهو پڙهو، ڇو⁠ته هي سڀ سچ آهي.“
نوٽ ۾ ڀينرن لکيو ته ” بابا، معاف ڪجو، ڪوريا اسان جي زندگي آهي، اسان جي سڀ کان وڏي محبت آهي، توهان ڇا به چئو، اسان ان کي ڇڏي نٿا سگهون.“
نوٽ پڙهڻ بعد نينگرين جي والد روئيندي چيو ته ”ائين ڪنهن به والدين يا ٻار سان نه ٿيڻ گهرجي، والدين کي پنهنجن ٻارن جي گيمنگ سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي، مون کي هن راند بابت ڄاڻ نه هئي نه ته مان کين ڪڏهن به اها گيم کيڏڻ نه ڏيان ها.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.