اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ پيٽروليم، کاڻن، ميري ٽائم، ڪسٽم، ريلوي، ٽرانزٽ ٽريڊ، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ وٽرنري، هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل ترقي جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ قازقستان ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف گڏيل پڌرائي تي صحيحون ڪيون.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيٽروليم، کاڻن، ميري ٽائم، ڪسٽم، ريلوي، ٽرانزٽ ٽريڊ، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ وٽرنري، هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل ترقي جي شعبن ۾ مفاهمتي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ گڏيل قومن جي امن دستن ۽ قيدين جي ڏي وٺ بابت معاهدي جي دستاويز تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ان کان اڳ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف قازقستان جي صدر قاسم جومارت جي شاندار آجيان ڪئي.
پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ پيٽروليم، ريلوي ۽ هٿرادو ڏاهپ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق
You might also like