دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ جي آل رائونڊرز واري فهرست ۾ پاڪستان جو صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته سڪندر رضا هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي.
پاڪستان جو محمد نواز هڪ درجو بهتري کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته شاداب خان 13 درجا بهتري بعد 26هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ ڀارت جو اڀيشڪ شرما پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو فل سالٽ ٻئي ۽ سندس هم وطن جوز بٽلر هڪ درجو ترقي ڪندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بيٽرز جي فهرست ۾ پاڪستاني بيٽرز جي ڳالهه ڪجي ته اوپننگ بيٽر صاحبزاده فرحان ٻه درجا تنزلي کانپوءِ ستين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته صائم ايوب 8 درجا ترقي ماڻڻ بعد 28هين نمبر تي پهچي ويو.
ڪپتان سلمان علي آغا وڏو ٽپو ڏيندي 12 درجا ترقي سان هاڻي 29هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهنته اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم 3 درجا وڃائڻ کانپوءِ 34هين نمبر تي هليو ويو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل فخر زمان 5 درجا تنزلي کانپوءِ 74هين پوزيشن تي موجود آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بالرن جي فهرست ۾ ڀارت جي ورون چڪرورتي جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ابرار احمد 2 درجا ترقي کانپوءِ ٻيو نمبر ماڻيندي افغانستان جي راشد خان کي ٽئين نمبر تي ڌڪي ڇڏيو آهي.
محمد نواز 8 درجا بهترين بعد ستين، جڏهن ته شاهين آفريدي به 5 درجا ترقي کانپوءِ 19هين نمبر تي اچي ويو آهي، شاداب خان به رينڪنگ ۾ 33 درجا بهتريءَ کانپوءِ 72 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.