لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن لاءِ اسلام آباد يونائيٽڊ ريٽين ڪيل رانديگرن جي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد يونائيٽڊ شاداب خان کي پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ 7 ڪروڙ رپين ۾ ريٽين ڪيو آهي.
ان کانسواءِ سلمان ارشاد کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ 1 ڪروڙ 40 لک رپين ۾، جڏهن ته آندريس گوس کي سلور ڪيٽيگري ۾ 1 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ ريٽين ڪيو ويو.
نيلاميءَ لاءِ اسلام آباد يونائيٽڊ وٽ 45 ڪروڙ رپين جو بجيٽ آهي ، جنهن مان فرنچائز 9 ڪروڙ 60 لک رپيا خرچ ڪري چڪي آهي.
فرنچائزز کي ريٽين ڪيل رانديگرن جي رقم بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪرڻو هو، جڏهن ته رانديگرن سان سڌي ريت معاهدي لاءِ 5 ڪروڙ 50 لک رپيا واڌو رکيا ويا آهن.
ڪراچي ڪنگز
ٻئي پاسي ڪراچي ڪنگز پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ حسن علي کي 4 ڪروڙ 76 لک رپين ۾، ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ عباس آفريدي کي 3 ڪروڙ 8 لک رپين ۾، گولڊ ڪيٽيگري ۾ خوشدل شاهه کي 3 ڪروڙ 36 لک رپين ۾، جڏهن ته ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ سعد بيگ کي 60 لک رپين ۾ ريٽين ڪيو آهي.
پشاور زلمي
پشاور زلمي پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم کي 7 ڪروڙ رپين ۾، ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ صفيان مقيم کي 4 ڪروڙ 48 لک رپين ۾، گولڊ ڪيٽيگري ۾ عبدالصمد کي 2 ڪروڙ 8 لک رپين ۾، جڏهن ته ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ علي رضا کي 1 ڪروڙ 96 لک رپين ۾ ريٽين ڪيو ويوآهي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ ابرار احمد کي 7 ڪروڙ رپين ، ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ عثمان خان کي 5 ڪروڙ 6 لک رپين ۾، گولڊ ڪيٽيگري ۾ حسن نواز کي 3 ڪروڙ 92 لک رپين ۾، جڏهن ته ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ شامل حسين کي 84 لک رپين ۾ ريٽين ڪيو آهي.