لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪستان طرفان ڀارت خلاف گروپ اسٽيج ميچ کيڏڻ کان انڪار واري فيصلي تي عالمي ڪرڪيٽ ۾ نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو آهي، انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر مارڪ بچر به آءِ سي سي جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
هڪ تازي پوڊڪاسٽ ۾ ٻين ڪرڪيٽ ليجنڊز سان ڳالهائيندي مارڪ بچر چيو ته آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ ڀارت ۽ پاڪستان کي بار بار ساڳئي گروپ ۾ رکڻ اتفاق نه پر مالي مفادن تحت ٿيندو آهي.
مارڪ بچر موجب، ”ساڳئي گروپ ۾ ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اها ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڌيڪ منافعي واري ميچ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙا انتظام ڪنهن ڪڻي جي صورت ۾ ناهي ٿيندا پر اِهي مٿان کان طئي ٿيل هوندا آهن، جڏهنته ٻيون ٽيمون قابليت ذريعي اينديون آهن ۽ انهن جا گروپ بي ترتيب هوندا آهن.
اڳوڻي ڪرڪيٽر پاڪستان جي حيثيت تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان ڀارت جي ڀيٽ ۾ ”ننڍي ڀاءَ “ جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، جڏهنته ڀارت کي هر معاملي ۾ پنهنجي مرضي هلائڻ جو موقعو ملي ٿو.
مارڪ بچر جو چوڻ هو ته اهڙن فيصلن سبب ٻين ٽيمن کي به نقصان ٿئي ٿو، ڇوته شيڊيول تبديل ٿيڻ ڪري سڀني جا پروگرام متاثر ٿيندا آهن.
پاڪستان جي ردعمل بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي بنگلاديش واري معاملي کانپوءِ هڪ حڪمت عملي تحت موقف اختيار ڪيو ۽ آءِ سي سي کي واضح ڪيو ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ته ڪندو، پر ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندو.
بچر موجب، اهو فيصلو آءِ سي سي ۽ ڀارت لاءِ مالي طور وڏو ڌڪ آهي، ڇو ته پاڪ-ڀارت ميچ ئي آءِ سي سي جي ڪمائي جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي.