ڀارت سان ورلڊ ڪپ ميچ جي بائيڪاٽ تي آءِ سي سي پريشان، پاڪستان کي راضي ڪرڻ لاءِ پردي پٺيان ڳالهيون شروع

دبئي/لاهور/نئين دهلي( ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچن ۾ پاڪستان طرفان ڀارت خلاف کيڏڻ کان انڪار کانپوءِ آءِ سي سي پريشان ٿي وئي آهي.
پاڪستان جي فيصلي عالمي ڪرڪيٽ جي گورننگ باڊي کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، آءِ سي سي پاڪستان کي راضي ڪرڻ لاءِ مختلف رستا ڳولڻ لڳي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ معاملي تي پاڪستان سان پردي پٺيان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سنگاپور ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي نمائندگي ڪندڙ عمران خواجه کي پي سي بي کي ميچ کيڏڻ تي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
عمران خواجه ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، کيس موجوده صورتحال ۾ ”پلي دي پيس ميڪر“ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت آچر 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين آءِ سي سي کي باضابطا طور پنهنجي پليٽ فارم تان آگاهه ڪرڻ واري ڪارروائي مڪمل ناهي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.