راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ فضل فقير جي ميلي دوران معمولي ڳالهه تان شروع ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان 22 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز عرف توفيق احمد پٽ عبدالخالق جتوئي جي وارثن ڏانهن مختلف ڌرين طرفان قرآن پاڪ کڻي ميڙ منٿ قافلو پهتو، بروهي برادري جي اڳواڻي هيٺ ميڙ منٿ قافلو قرآن پاڪ ساڻ ڪري راڌڻ ڀرسان ڳوٺ جلال جتوئي پهتو، ميڙ منٿ قافلي ۾ سيد پير، مير، وڏيرا، ڀوتار، سماجي اڳواڻ، صحافي ۽ ديوان برادري جا معزز ماڻهو وڏي انگ ۾ شامل هئا، ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل اهم شخصيتن ۾ چيئرمين سردار غلام دستگير ڳورڙ، وڏيرو سڪندر علي جوڻيجو، سردار منور خان جهتيال، سيٺ دليپ ڪمار،راجاڻي پير جاويد احمد قريشي، پير بچل الدين سرهندي، مير غلام مرتضا ڳورڙ ، مير مظهر حسين جهتيال، صداقت علي سولنگي، ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلهوڙو، وڏيرو ممتاز علي لاکير، سرائي حاجن خان لاشاري، سڪندر علي جانوري، قاري نظير احمد بروهي، شفقت علي سولنگي، ڏاڏا پير بخش بروهي، نور احمد پنن بروهي، محمد رحيم بروهي، عبدالرشيد بروهي، جلال الدين بروهي، خان بروهي، خداء نور بروهي، حاجي محمد حسن بروهي، محمد نواز بروهي، رمضان بروهي، ماما ابراهيم بروهي، محمد امين بروهي، فيصل ممتاز مينگل، صحافي گلزار بروهي، حبيب بلوچي، سيد يوسف شاه، سيد سڪندر علي شاهه، ممتاز علي هنڱورو، پنن ڪلهوڙو، علي شير جوڻيجو، رانا عبدالله راجپوٽ، لياقت علي گلال، وڏيرو وهاب جوڻيجو سميت ميهڙ، باڊهه، يارو لاکير، سيهڙ اسٽيشن ۽ ٻين علائقن جا ڪيترائي معزز شهري شامل هئا، قرآن پاڪ ساڻ ڪري سيد پير فقير مقتول جي وارثن وٽ پهتا، جتي مقتول جي والد عبدالخالق جتوئي، زوار ممتاز علي جتوئي، عبدالحفيظ جتوئي ۽ سائين محمد هاشم جتوئي قرآن پاڪ تي ڳالهائيندي چيو ته بروهي برادري سان سندن ڪافي سالن کان خانداني لاڳاپا رهيا آهن، نه اڳ ڪو جهيڙو ڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻي ڪنهن جهيڙي جو ارادو آهي. هنن چيو ته قانوني ڪارروائي ڪرڻ سندن حق آهي، جيڪو هو ڪري چڪا آهن، آخر ۾ ميڙ منٿ قافلي کي سٺي موٽ ڏني وئي، جڏهن ته مارجي ويل نوجوان توفيق احمد جتوئي جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.