عالمي امن ڏانهن وک، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جمعي تي استنبول ۾ ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. پرڏيهي کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي ايران – آمريڪا ڳالهين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان کي ڳالهين جو دعوت نامو وصول ٿي ويو آهي، ڳالهين ذريعي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هوڏانهن آمريڪي ۽ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جوهري ڳالهيون جمعي تي ترڪيه ۾ ٻيهر شروع ٿينديون.

واشنگٽن/تهران/استنبول(م ڊ) دنيا ۾ هڪ ٻئي جي سخت مخالف ٻن ملڪن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ برف پگھرجڻ لڳي آهي. ترڪي جي شهر استنبول ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جو شيڊول طئي ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ هن ملاقات کي هڪ اهم سنگ ميل طور ڏٺو پيو وڃي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اهم ڳالهيون جمعي تي استنبول ۾ ٿينديون، جنهن ۾ آمريڪا جو خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي شرڪت ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ هن ملاقات کي هڪ اهم سنگ ميل طور ڏٺو پيو وڃي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته آمريڪا ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته نتيجا تمام سنگين هوندا. هن چيو ته آمريڪي نمائندو اسٽيو وِٽڪوف جمعي تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪندو.رائٽرز جي رپورٽ موجب، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، مصر ۽ ٻين علائقائي ملڪن جا نمائندا به هن ملاقات ۾ شرڪت ڪندا.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان حوالي سان چيو هو ته ايران آمريڪا سان باهمي احترام جي بنياد تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ڌمڪين ۽ دٻاءُ کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته عزت جو جواب عزت سان ڏنو ويندو ۽ ڌمڪين جو جواب ساڳئي ٻولي ۾ ڏنو ويندو. ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي يورينيم جي افزودگي جي معاملي تي ڪجهه لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن، پر ان جي بدلي ۾ ايران چاهي ٿو ته آمريڪي جنگي جهاز ۽ ٻيا فوجي اثاثا ايران مان هٽايا وڃن. ٻئي طرف، هڪ وڏو بحري ٻيڙو پڻ ايران ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو خطي ۾ تڪرار جي تناظر ۾ اهم آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ ان حوالي سان چيو ته آمريڪا معاملن کي پرامن ۽ سفارتي حل ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن تڪرار حل نه ٿيو ته نتيجا تمام سنگين هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.