انگلينڊ آسٽريليا کي شڪست ڏئي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

بلاويو (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم آسٽريليا 27 رنسن تان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
بلاويو ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنسون ٺاهيون، ڪپتان ٿامس ريو 110 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪيلب فيلڪونز 40 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم 48هين اوور ۾ 250 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان اوليور پيڪ 100 رنسن جي اننگز کيڏڻ باوجود ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
واضح رهي ته ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.