ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪتي جو ڏاڙهيل هڪ ٻيو شخص لاڏاڻو ڪري ويو.
جناح اسپتال جي اختيارين موجب ڪرامت 3 مهينا اڳ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ريبيز جو شڪار ٿي ويو هو، هو 8 جنوري تي جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو.
42 ورهين جو ڪرامت گلشن معمار جو رهواسي ۽ پيشي جي لحاظ سان پلمبر هو.
صحت کاتي جي اختيارين موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ ريبيز سبب فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو آهي.
You might also like