بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي کائو يائي نيشنل پارڪ ۾ سومر ڏينهن هڪ جهنگلي هاٿي جي حملي ۾ سياح مارجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پارڪ اختيارين چيو آهي ته ان کان اڳ به ان ئي هاٿي ٻن سياحن کي حملو ڪري ماري ڇڏيو هو.
نيشنل پارڪ جي سربراهه چيو ته گذريل ڏينهن مارجي ويل 65 ورهين جي ٿائي سياح جو واسطو لوپ بوري صوبي سان هو، هو صبح جو پنهنجي گهرواري سان گڏ تفريح لاءِ نڪتو هو ته ان دوران هاٿي مٿس حملو ڪيو، جڏهن ته پارڪ اهلڪار سندس گهرواري کي بچائي ورتو.
هن چيو ته اهو ٽيون واقعو آهي، جنهن ۾ هاٿي هٿان انسان جو موت ٿيو آهي، خدشو آهي ته اڳ ۾ به هاٿي اهڙن حملن ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو.
اختيارين موجب جمعي ڏينهن هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ ان هاٿي جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.
ٿائلينڊ ۾ جهنگلي هاٿي جي حملي ۾ سياح مارجي ويو، هاٿي کي سزا جو فيصلو جمعي تي ٿيندو: اختياريون
You might also like