لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي نئين فرنچائز سيالڪوٽ اسٽالينز يارهين ايڊيشن لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سيالڪوٽ اسٽالينز طرفان اسٽيو سمٿ جي شموليت جو اعلان سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو ويو، آسٽريلوي بيٽر هن سيزن ۾ پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
اسٽيو سمٿ آسٽريليا طرفان 67 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪو آهي، جنهن ۾ هن 1094 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ سيالڪوٽ اسٽالينز اڳوڻي آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر ٽم پين کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو.
You might also like