پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ گرلز ڪاليجن ۾ موسيقي، رقص، ماڊلنگ ۽ ان نوعيت جي ٻين سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ڊائريڪٽوريٽ آف هائير ايجوڪيشن ڪميشن پشاور سميت صوبي جي ٻين گرلز ڪاليجن جي پرنسپلز کي تقريبن جي حوالي سان خط لکيو آهي، جنهن ۾ گرلز ڪاليجن ۾ آجياڻي، فيئر ويل پارٽيز، اسپورٽس گالا ۽ ثقافتي پروگرامن بابت اڳواٽ اجازت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
تقريب کان اڳ ڊائريڪٽر يا ريجنل ڊائريڪٽر هائير ايجوڪيشن کان اجازت وٺڻ ۽ مهمانن جي فهرست جمع ڪرائڻ ضروري هوندو.
خط موجب گرلز ڪاليجن ۾ موسيقي، رقص، ماڊلنگ ۽ ان نوعيت جي ٻين سرگرمين تي مڪمل پابندي هوندي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪاليج جي وقت ۽ تقريبن دوران شاگردياڻين جي موبائل فون استعمال تي سخت پابندي هوندي، تقريبن ۾ شرڪت لاءِ شاگردياڻين کي ڪاليج يونيفارم پائڻو پوندو، انهن جي حفاظت ۽ باوقار ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت سيڪيورٽي ۽ نگراني جي انتظام هوندا.
تقريبن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر تي ڪرڻ پابندي هوندي، سموريون تقريبون سماجي ۽ ثقافتي قدرن موجب منعقد ڪيون وينديون ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي.
خيبر پختونخواهه جي گرلز ڪاليجن ۾ موسيقي، رقص، ماڊلنگ، موبائل فون جي استعمال تي پابندي
You might also like