اسلام آباد (پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي بلوچستان تي حڪمراني بابت رياستي پاليسي ۾ مڪمل تبديلي آڻڻ ۽ ملڪ کي گهرو جنگ کان بچائڻ لاءِ سول آباديءَ خلاف جاري جارحاڻين عسڪري ڪاررواين کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي، عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر اختر حسين ايڊووڪيٽ ۽ جنرل سيڪريٽري فرحت عباس ايڊووڪيٽ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پارٽي سمجھي ٿي ته 31 جنوري تي بلوچستان جي ٻارهن شهرن ۾ پيش آيل واقعا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته هٿياربند بغاوت ۾ شدت اچي چڪي آهي، جيڪا موجوده رياستي پاليسين جي مڪمل ناڪامي ظاهر ڪري ٿي، عوامي ورڪرز پارٽي سمجهي ٿي ته هاڻي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جي تڪڙي ضرورت آهي، جيڪو جبر، عسڪريت ۽ استحصال بدران انصاف، شموليت ۽ عوامي رضامنديءَ تي ٻڌل هجي،پڌرائيءَ ۾ وڪيلن ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي گرفتارين، سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ، ۽ اظهارِ راءِ ۽ ميڊيا کي دٻائڻ لاءِ 26 هين۽ ستاويھين آئيني ترميمن جهڙن قانونن جي استعمال کي جمهوري حقن تي کليل حملو قرار ڏنو ويو آهي. پارٽي اڳواڻن چيو آهي ته عوامي ورڪرز پارٽي ان ڳالهه تي پڪو يقين رکي ٿي ته پاڪستان هڪ گھڻ قومي ملڪ آهي ۽ هن حقيقت کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي، ملڪ جي مختلف علائقن، خاص طور بلوچستان ۾ موجود قدرتي ۽ معدني وسيلن مان مقامي آبادي کي محروم رکڻ وڌيڪ نفرت جا ٻج پوکڻ جي برابر آهي.