دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل چيو آهي ته هڪ گڏيل قبول ڪرڻ جوڳو حل ڳولڻ ضروري آهي ۽ هن فيصلي جا پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا اثر پئجي سگهن ٿا.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” اسان پاڪستاني حڪومت جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم کي آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ جزوي شرڪت لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي.“
آءِ سي سي چيو آهي ته ”هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل موقف جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي، پر جزوي شرڪت عالمي ايونٽ جي بنيادي تصور سان ٺهڪندڙ ناهي، عالمي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين ٽيمن مان اميد رکي ويندي آهي ته هو مقرر شيڊيول موجب برابري جي سطح تي مقابلو ڪن.“
بيان ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته آءِ سي سي جي ٽورنامنٽس جو بنياد راند جي ايمانداري، برابري، تسلسل ۽ انصاف ٻڌل آهي ۽ جزوي شرڪت مقابلي جي روح ۽ تقدس کي مجروح ڪري ٿي.
آءِ سي سي چيو ته جيتوڻيڪ هو حڪومتن جي قومي پاليسي معاملن ۾ ڪردار جو احترام ڪري ٿو، پر اهو فيصلو عالمي راندين ۽ سموري دنيا جي شوقينن سميت پاڪستان جي لکين مداحن جي مفاد ۾ ناهي.
آءِ سي سي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته ”پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ غور ڪندو ته ان فيصلي جا ڊگهي مدي وارا نتيجا پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ لاءِ ڇا ٿيندا ۽ ان جا اثر ڪرڪيٽ جي عالمي ماحول تي به پوندا، جنهن مان پاڪستان پڻ فائدو ماڻي ٿو.“
آءِ سي سي چيو ته ان جي ترجيح ٽورنامنٽ جو ڪامياب انعقاد آهي ۽ اِها ذميواري پي سي بي سوڌو آءِ سي سي جي سمورن ميمبرن تي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ” آءِ سي سي اميد ڪري ٿي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ اهڙي فيصلو تي پهچندو جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي ۽ هڙني ڌرين جي مفادن جو تحفظ ڪري.“