وزيراعظم سان عالمي بينڪ گروپ جي صدر جي ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي بينڪ گروپ جي صدر اجئه بنگا ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ ملڪ ۾ ترقياتي ترجيحن ۽ ڀائيواري تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف عالمي بينڪ گروپ جي ڀائيواري ۽ پاڪستان ۾ ترقياتي رٿائن کي هٿي ڏيڻ وارو عزم ورجايو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ عالمي بئنڪ جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي.
وزيراعظم عالمي بينڪ جي مدد کي مضبوط انفراسٽرڪچر، زرعي ڪاروبار، ڊجيٽل ترقي، توانائي ۽ سيڙپڪاري ۾ اهم قرار ڏنو.
ان سان گڏ وزيراعظم ۽ اجئه بنگا ڪنٽري پارٽنر شب فريم ورڪ تي عملدرآمد تي زور ڏنو، جنهن سان گڏيل منصوبابندي ۽ ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.