اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب پاڪستان کي 2 اهم پوائنٽس تان هٿ ڌوئڻو پوندو جڏهن ته ٻئي پوائنٽس ڀارت کي ملندا.
آچر ڏينهن تي پاڪستان حڪومت اعلان ڪيو ته هو پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي پر 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ملاقات ۾ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت اهم فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ حڪومت اعلان ڪيو ته پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندو، پر ڀارت خلاف ميچ ۾ حصو نه وٺندو.
حڪومتي ذريعن موجب، بنگلاديش سان لاڳاپن بابت آءِ سي سي جو اڻڌريو فيصلو بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ پاڪستان حڪومت بنگلاديش سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿي.
آءِ سي سي جو قانون:
آءِ سي سي جي قانون موجب، جيڪڏهن ڪا ٽيم ميچ کي فورفيٽ ڪندي ته ان ٽيم جو نيٽ رن ريت جو حساب اهڙي طرح سيٽ ڪيو ويندو ڄڻ ٽيم مڪمل 20 اوور کيڏي آهي.
پاڪستان جي بائيڪاٽ جي صورت ۾ ٽيم جو نيٽ رن ريٽ زيرو شمار ڪيو ويندو، جنهن سبب پاڪستان جو نيٽ رن ريت سخت منفي اثر هيٺ اچي ويندو، جڏهن ته ڀارت جو نيٽ رن ريٽ متاثر نه ٿيندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ست فيبروري کان شروع ٿيندو. پاڪستان جي گروپ ۾ ڀارت سان گڏ نميبيا، نيڌرلينڊز ۽ آمريڪا به شامل آهن.