بهروز سبزواري کي عورتن پاران سوڙها ڪپڙا پائڻ پسند ناهي، خيال رکڻو پئي ٿو ڪو ڪاوڙجي نه وڃي: ناديا جي سينيئر اداڪار تي ٺٺول
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري ميزبان ۽ اداڪاره ناديه خان سينيئر اداڪار بهروز سبزواري کي عورتن جي لباس بابت تبصرو ڪرڻ تي طنز جو نشانو بڻايو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ نجي شو دوران ڳالهائيندي ناديه خان، بهروز سبزواري جي ماضي ۾ ڏنل بيان تي تبصرو ڪيو.
شو دوران موجود اداڪاره عتيقه اوڌو هڪ ڊرامي ۾ اداڪارا صبا قمر جي ڪردار ۽ سندس لباس جي واکاڻ ڪندي، ناديه خان جي لباس جي به تعريف ڪئي ۽ گڏوگڏ چيو ته لباس ٿورو وڌيڪ چُست هئڻ گهرجي.
عتيقه اوڌو جي ان ڳالهه تي ناديه خان طنزيه انداز ۾ چيو ته ” نه، سوڙها ڪپڙا بهروز سبزواري کي پسند ناهن، انڪري خيال رکڻو پوي ٿو، هو سختي سان منع ڪندو آحي سوڙها ڪپڙا نه هئڻ گهرجن، انڪري مون خيال ڪيو ته جيئن ڪو ڪاوڙجي نه وڃي.“
واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ هڪ انٽرويو ۾ بهروز سبزواري چيو هو ته جيڪي عورتون سوڙها ڪپڙا پائينديون آهن، اُهي انتهائي اڻوڻندڙ لڳنديون آهن.
هن وڌيڪ چيو هو ته ظاهر آهي هر ڪنهن وٽ گاڏيون ناهن هونديون، موٽر سائيڪل تي پٺيان ويٺل ڪجهه عورتون اهڙو لباس پائينديون آهن جيڪو مناسب ناهي ۽ اهو سڀ ڪجهه گهرو تربيت جو نتيجو هوندو آهي.