ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به قيمتن ۾ هزارين رپين جي وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به في تولو سون 21 هزار 500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 90 هزار 362 رپين جو ٿي ويو.
ان کانسواءِ 10 گرام سون به 18 هزار 433 رپيا لاٿ بعد 4 لک 20 هزار 406 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته رڳو ٽن ڏينهن دوران في تولو مجموعي طور 82 هزار 500 رپيا سستو ٿيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 215 ڊالر لاٿ بعد 4 هزار 676 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.