اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران آپريشنز ۾ هينئر تائين 177 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سيڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ايجنسين ۽ پوليس گهيرو تنگ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته گذريل 3 ڏينهن دوران بلوچستان ۾ جاري آپريشنز ۾ 177 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف فورسز جا سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهن ۽ گذريل رات آپريشنز دوران وڌيڪ 22 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي وڌيڪ نقصان ۽ فوتگين بابت اطلاع آهن.
You might also like