وزيراعظم سان ملاقات ۾ عمران خان بابت ڪائي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي: سهيل آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان يا سندس ڀينرن سان ملاقات بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعن لاءِ 2600 ارب رپين جا فنڊ رڪيل آهن، جڏهن ته وزيراعظم قبائلي ضلعن لاءِ رڪيل 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته وادي تيراهه، ڪرم ۽ باجوڙ جا ماڻهو جيڪي قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن لاءِ 4 ارب رپيا ڪا وڏي رقم ناهي. جيڪڏهن انهن علائقن جي عوام جي قربانين کي 4 ارب رپين سان جوڙيو ويندو ته پوءِ اها عوام جي قربانين کان انڪار جي برابر هوندي.
سهيل آفريدي چيو ته وزيراعظم سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني يا سندس ڀينرن سان ملاقات جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي ۽ ملاقات ۾ ڪنهن به سياسي معاملي تي بحث نه ٿيو.
دهشتگردي وارن واقعن بابت سوال جي جواب ۾ ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد جو نه ڪو صوبو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو ملڪ.
هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ وزيراعظم سان ٻيهر ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ دهشتگردي بابت ڳالهايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.