عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ڪريش ڪري وئي، تاريخ جي سڀ کان وڏي لاٿ رڪارڊ

سنگاپور( ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ڪريش ڪري وئي آهي.
سون جي في اونس قيمت ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ٽريڊنگ دوران سون 458 ڊالر في اونس لاٿ سان 4435 ڊالر في اونس تي پهچي ويو.
ان کانسواءِ عالمي منڊي ۾ ڪجهه ڏينهن دوران سون هڪ هزار ڊالر في اونس تائين سستو ٿي چڪو آهي.
ٻئي پاسي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ به 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، برينٽ ڪچو تيل 67 ڊالر في بيرل ۽ آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 63 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.