ٺٽو/جهرڪ (رپورٽ: منصور جلالاڻي/ غلام مرتضيٰ سومرو) ٺٽي ڀرسان افسوسناڪ واقعو، نشي جا پئسا نه ملڻ تي ھمراھ پنھنجي گھرواري سميت 5 معصوم ٻارڙن کي گوليون ھڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، زال مڙس ۽ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، سڄاڻ ڌرين واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي معاملي جي گهڻ رخي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ٽنڊو حافظ شاھ ڀرسان سنڌو درياھ جي ڪيٽي کوسو ٻيلي ۾ ڳوٺاڻي رَکُو کوسو سندس گهرواري مسمات مڱي ۽ 5 معصوم ٻارڙن تي فائر ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، گوليون لڳڻ ڪري 26 سالن جي گھرواري مڱي، معصوم سوڍي ۽ حميرا موقعي تي قتل ٿي ويون، جڏھن ته رضيا، سرھي ۽ نازي سخت زخمي ٿي پيون، اھڙي اطلاع تي جهرڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ منتقل ڪيا، وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏھن ته زخمي ٿيل ٽنھي معصوم ٻارڙين کي علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول هئا ته رکو کوسو بيروزگاري بعد نشي جو عادي ھو جنھن پنھنجي گھرواري سميت ٻن معصوم کي گوليون ھڻي پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوفناڪ ماحول ڇانيل آهي، هوڏانهن مختلف سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي ڌرين واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته هن افسوسناڪ واقعي جي غيرجانبدار ۽ گهڻ رخي جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن ته جيئن ذميوارن کي قانون موجب سزا ملي سگهي، ڊي ايس پي جهرڪ واجد ٿهيم جو چوڻ هو ته جوابدار رکو پٽ رجب کوسو نشي جو عادي ھو نشي لاءِ پيسا نه ملڻ ڪري ھن پنهنجي گھر جي 8 ڀاتين کي گوليون ھڻي ۽ آخر ۾ پاڻ به گولي ھڻي خودڪشي ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو، زال مڙس ۽ ٻن ٻارڙين سميت چار ڄڻا فوت ٿي چڪا آھن ۽ چار ٻارڙا زخمي آھن.