سنڌ ۾ بدامني ۽ منشيات فروشي خلاف قمبر ۾ احتجاج

قمبر (ڊ ر+پ ر)  سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جي سرعام وڪري، ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ۽قانون جي شاگرد علي محمد وڪو کي لاڙڪاڻو پوليس طرفان اغوا ڪري سخت تشدد بعد ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان قمبر پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪو، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري محبوب رڪ راهوجو، عبدالوهاب بليدي، ايڊووڪيٽ فاضل راهوجو، علي محمد وڪو، شعيب نوناري، مختيار راهوجو، مصطفي ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، علي حسن وڪو، محبوب رڪ راهوجو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ھاف فراء ۽ فل فراء آئين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پوليس لاءِ منافعي بخش ڪاروبار بڻيل آهي، هي عمل عوام کان فيئر ٽرائل جو حق ڦرڻ جي سازش آهي. هنن چيو ته پوليس ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ بدران پاڻ ڌاڙيل بڻجي وئي آهي، پوليس ماڻهو اغوا ڪري پوءِ ڀنگ وٺي رهي آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن جي هر شهر، هي ڳوٺ اندر منشيات جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن ۽ ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.