ڪينيا ۾ هڪ جيءُ جهوريندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن سڀني کي ڏکارو ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصوير ۾ هڪ ٻار پنهنجي ماءُ جي قبر تي سُتل آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ سمهڻ لاءِ بي چين هو.
وائرل تصوير ڏسندڙ هر شخص ڏکارو ٿي ويو ۽ همدردي ۽ جذبن جو اظهار ڪرڻ لڳو.
اها تصوير ڪينيا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪڍي وئي آهي، جتي ٻار پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس قبر تي وڃي سمهي پيو.
مقامي ماڻهن موجب اهو ٻار ماءُ سان گهري وابستگي رکندو هو ۽ سندس لاڏاڻي کانپوءِ سخت صدمي ۾ آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ان تصوير کي انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ قرار ڏنو.
ڪيترن ئي ماڻهن لکيو ته اهو منظر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته والدين جي موجودگي ٻارن لاءِ ڪيڏي وڏي نعمت آهي.
ڪجهه واهپيدارن مطالبو ڪيو ته ٻار جي سار سنڀال ۽ نفسياتي مدد لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
ماءٌ جي جدائيءَ جي صدمي ۾ ورتل ٻار سندس قبر تي ئي سمهي پيو، وائرل تصوير تي دنيا ڏُکاري
You might also like