پاڪستان اسان کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو (مارش)، آسٽريليا کي وائيٽ واش ڪنداسين: سلمان علي آغا

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش سيريز ۾ شڪست کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.
پاڪستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ لڳاتار ٻي ميچ هارائڻ کانپوءِ آسٽريليا جي ڪپتان مچل مارش پاڪستان ٽيم جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو.
هن اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان نه رڳو اسان کي آئوٽ ڪلاس ڪيو پر اسان اسپنرز خلاف به ڏکيائين جو شڪار نظر آياسين.
مچل مارش ٻنهي ميچن ۾ شڪست تي پاڪستان جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ميچن ۾ ڏاڍو سٺو کيڏيو.
هن سيريز ۾ وائيٽ واش کان بچڻ جو عزم به ظاهر ڪيو ۽ چيو ته ڪوشش ڪنداسين آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون، اسان کي پاڪستان کي 160 کان 170 رنسن تائين روڪڻ گهربو هو.
سيريز ۾ فتح کانپوءِ ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اسان هن ميچ ۾ زبردست ڪرڪيٽ کيڏي، ڪوشش ڪنداسين آخري ميچ ۾ به اهڙي ئي ڪارڪردگي ورجايون.
سلمان علي آغا چيو ته عثمان خان اسان جي ٽيم ۾ اسپن کي سڀ کان بهتر کيڏندڙ بيٽر آهي، اسان 0-2 کي وساري 0-3 تان سيريز کٽڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.