اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قرض مقرر مدي کان اڳ واپس ڪري هڪ اهم معاشي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
پاڪستان وڏي پئماني تي قرض مقرر وقت کان اڳ واپس ڪري تاريخي قدم کنيو آهي، جيڪو ملڪي معاشي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو.
ناڻي واري وزارت موجب، 2024 جي آخر کان جنوري 2026 تائين رڳو 14 مهينن جي عرصي دوران حڪومت ڪُل 3 هزار 654 ارب رپين جو اندروني قرض مقرر وقت کان اڳ واپس ڪيو.