آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو آفيشل ترانو جاري

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو آفيشل ترانو جاري ڪري ڇڏيو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جمعي ڏينهن آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو آفيشل ترانو ”فيل دي ٿرل“جاري ڪيو، جيڪو ٽورنامينٽ جي جوش، جذبي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي عالمي جنون جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو.
هي گيت مشهور ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار انيرُڌ روي چندر ڪمپوز ڪيو آهي ۽ پاڻ ئي ڳايو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ کيڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.