حج پانڌيئڙن لاءِ اهم خبر، سعودي بايو ميٽرڪ کانسواءِ ويزا نه ملندي، مسئلي جو حل ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت سعودي حج ويزا لاءِ بايو ميٽرڪ بابت اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
مذهبي معاملن واري وزارت سعودي حج ويزا لاءِ بايو ميٽرڪ بابت اهم هدايتون جاري ڪيون آهن،
وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هڙئي حج پانڌيئڙا ” سعودي ويزا بايو“ ايپ ذريعي گهر ويٺي پنهنجي بايو ميٽرڪ وارو عمل جلد مڪمل ڪن.
وزارت موجب، حج ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي بايو ميٽرڪ ڪرائڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪنهن پانڌئيڙي لاءِ ايپ ذريعي بايو ميٽرڪ ممڪن نه ٿي سگهي ته هو 8 فيبروري کان اڳ ويجهن سعودي تاشير سينٽرن تان بايو ميٽرڪ مڪمل ڪرائي سگهي ٿو.
ترجمان خبردار ڪيو آهي ته بايو ميٽرڪ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ حج ويزا جاري نه ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ سعودي تاشير سينٽرن جا تفصيل ۽ بايو ميٽرڪ بابت رهنمائي پاڪ حج موبائل ايپ تي موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.