اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ٿيندڙ آئڪونڪ پرفارمنسز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آئڪونڪ پرفارمرز ۾ شاهِد آفريدي جو نالو پڻ شامل آهي، 2009 واري ورلڊ ڪپ ۾ آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ تي شاهِد آفريدي کي هن فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
2009 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ شاهِد آفريدي 51 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 2 اهم وڪيٽون وٺي پاڪستان کي فائنل تائين پهچايو هو، جڏهن ته فائنل ميچ ۾ به شاهِد آفريدي 40 بالن تي 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.
ان کانسواءِ آءِ سي سي طرفان 2007 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ايڊيشن ۾ يووراج سنگهه جي لڳاتار ڇهن ڇڪن کي آئڪونڪ پرفارمنس قرار ڏنو ويو آهي.
2010 ۾ آسٽريليا جي مائيڪ هسي جي پاڪستان خلاف 24 بالن تي 60 رنسن جي اننگز کي به آئڪونڪ پرفارمنس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي 2012 ۾ ويسٽ انڊيز جي سنيَل نارائڻ جي 9 رنسن عيوض 3 وڪيٽن کي آئڪونڪ پرفارمنس قرار ڏنو، جڏهن ته 2014 ورلڊ ڪپ واري عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ سري لنڪا جي رنگانا هيراٿ جون 5 وڪيٽون ۽ 2016 ۾ ڪارلوس بريٿويٽ جي 4 لڳاتار ڇڪن کي به آئڪونڪ پرفارمنس ۾ شامل ڪيو ويو.
آءِ سي سي طرفان2021 ورلڊ ڪپ فائنل ۾ مچل مارش جي 77 رنسن جي اننگز ۽ 2022 ۾ انگلينڊ جي بين اسٽوڪس جي پاڪستان خلاف 52 رنسن واري اننگز کي به آئڪونڪ پرفارمنس قرار ڏنو ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل2024 واري عالمي ڪپ فائنل ۾ ويرات ڪوهلي جي 76 جي شاندار اننگز کي به آئڪونڪ پرفارمنسز جو حصو بڻايو ويو آهي.
Next Post
You might also like