اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ٿي آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا ۽ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي ملاقات 30 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران سلمان اڪرم راجا چيف جسٽس کي پي ٽي آءِ جي خدشن بابت آگاهه ڪيو.
ان کانپوءِ سلمان اڪرم راجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ صبح کان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران موجود آهيون، پي ٽي آءِ باني جي صحت کان وڌيڪ اسان لاءِ ڪجهه به اهم ناهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ صبح کان چيف جسٽس ۽ اٽارني جنرل سان ملاقاتون ۽ رابطا جاري رهيا، سڄو ڏينهن ڀڄ ڊڪ کانپوءِ جيڪو ڪجهه حاصل ٿيو، اهو قطعي تسلي بخش ناهي.
هن ٻڌايو ته اڄوڪي ڀڄ ڊڪ کانپوءِ اسان کي ان حد تائين ڪاميابي ملي آهي جو اسان کي رپورٽ ملي ويندي، اسان اڄ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران اخلاقي ڪيس وڙهيو. ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس ڀينرن کي طبي رپورٽون ڏنيون وينديون، رپورٽ ملڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ باني تائين سندس ذاتي ڊاڪٽرن کي پهچ ڏيڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي آهي.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن، خاندان ۽ ساٿين سان ملاقات لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ايندڙ حڪمت عملي لاءِ اڄ ئي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، اڄ ئي تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان سان ملاقات ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ سياسي ڪميٽي علامه راجا ناصر عباس ۽ محمود اچڪزئي سان صلاح مشوري کانپوءِ حڪمت عملي طئي ڪندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني حڪمت عملي جو حتمي اختيار محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي ڏنو آهي، اڄوڪي ميڊيڪل رپورٽ مان پي ٽي آءِ بانيءَ جي اک جي صورتحال جو پتو پئجي ويندو، ميڊيڪل رپورٽ حاصل ڪرڻ اسان جو بنيادي مقصد نه هو.
واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات نه ڪرائڻ تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ پهتا هئا.
جتي سلمان اڪرم راجا ۽ لطيف کوسي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ اٽارني جنرل سان به ملاقات ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته ڳالهه آپريشن ۽ اڊيالا کان پمز آڻڻ تائين پهچي وئي ۽ ٻڌايو به نه ويو، پمز اسپتال ۾ ڪو به ريٽينا اسپيشلسٽ موجود ناهي، هتي ويهي چيف جسٽس پاڪستان جو انتظار ڪنداسين.