گل پلازا واقعي کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي تڪراري سياست

اعجاز ممنائي

 گل پلازا واري واقعي کان پوءِ جيئن پيپلزپارٽي جي اڳوڻي دل گهري پارٽي "ايم ڪيو ايم” الڳ صوبي جو بيانيو جوڙي پيپلزپارٽي خلاف هٿ ڌوئي لڳي پئي آهي، ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ يا نوان صوبا ٺاهڻ جو شوشو اٿاريو آهيتازو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم تحت اسان جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، تنهنڪري وفاقي حڪومت آرٽيڪل 148 تي عمل ڪندي ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏئي. هن بهادرآباد آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي شهر اڳ اهڙو نه هو، اسان ڪيترو رت ڏيون ۽ ڪيترا حادثا ڀوڳيون؟ ڪراچي واسين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي.اتي انسانن جون آٿتون ڪا اهميت نٿيون رکن، ايم ڪيو ايم وڏين پارٽين مان هڪ آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان ڀلي ڀت واقف آهيون.وفاقي وزير چيو ته اهو نه ڏسو ته ڪهڙي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، اهو ڏسو ته ڇا چئي رهيو آهيان، رياست کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏنو وڃي.

هتي سوال اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪيو آهي۔انهن جي سياست صرف لسانيت جي مبني رهي آهي انهن ڪڏهن الڳ صوبي جو رينگٽ پئي ڪيو آهي ته ڪڏهن وري ڪراچيء سنڌ جو بي سرو راڳ ڳائي تعصب پرستي کي هوا ڏني آهي هو پنهنجا ذاتي مفاد وٺڻ لاءِ ڪڏهن ناظم ٿي لٽيندا رهيا آهن ته ڪڏهن جعلي مئنڊيٽ ذريعي وزارتون پئي ماڻيون آهن۔ اها غيرسنجيدگي آخر ڪڏهن ختم ٿيندي جيڪڏهن انهن کي سنڌ يا سنڌين جي صورت نه ٿي وڻي ته واپس پنهنجي وطن هليا وڃن باقي سنڌ کي ٽوڙڻ واريون سازشون ڪنهن به صورت ۾ قابل نه هونديون۔

18 مارچ 1984ع ۾ قائم ٿيڻ واري ايم ڪيو ايم لساني بنياد تي قائم ٿي هئي. جڏهن ته هيء سياسي پارٽي، مهاجر قومي موومينٽ جي نالي سان، 11 جون 1978 تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي شاگرد اڳواڻ الطاف حسين جي اڳواڻي ۾ قائم ٿي هئي. 1997 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري متحده قومي موومينٽ رکيو ويو. پاڪستان جي قيام کان وٺي، ايم ڪيو ايم سنڌ جي وڏن شهرن، خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ميرپورخاص سکر ۽ نوابشاهه ۾ آباد اردو ڳالهائيندڙ هندستاني مهاجرن جي نمائندي پارٽي رهي آهي.ايم ڪيو ايم جو قيام جنرل ضياءَ جي حڪومت جي مارشل لا آرڊر جو جواب هو، جنهن سڄي ملڪ ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. سياسي عمل ۾ رڪاوٽ هميشه انتهاپسندي ڏانهن وٺي ويندي آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم جهڙي فاشسٽ پارٽي جي قيام ۾ به نظر آئي. ايم ڪيو ايم جي قيام جو باضابطه اعلان 18 مارچ 1984ع تي ڪيو ويو هو، پر هن سياسي جماعت جو پروگرام 8 آگسٽ 1986ع تي سامهون آيو، – 2013 جي عام چونڊن ۾، فيصل سبزواري جي اڳواڻي ۾، ​​ان 24 سيٽون کٽيون ۽ اپوزيشن ۾ ويٺا. 22 آگسٽ 2016 تي، الطاف حسين جي ملڪ دشمن تقرير جي جواب ۾، ايم ڪيو ايم جي ڪراچي هيڊ ڪوارٽر، نائن زيرو کي سيل ڪيو ويو ۽ اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ، انهن کي الطاف حسين کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهڙي طرح، ايم ڪيو ايم مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. اصل ايم ڪيو ايم الطاف حسين جي لنڊن ۾ قائم آهي، جڏهن ته عام تاثر اهو آهي ته پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيام جي پويان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي، ۽ فاروق ستار، خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال وغيره سيل طور ڪم ڪري رهيا آهن.

– 2018 جي ​​عام چونڊن ۾، ايم ڪيو ايم ۽ ان جي اڳواڻ الطاف حسين سياسي معاملن ۾ فوجي مداخلت جي ڪري چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر ايم ڪيو ايم جي ٻين ڌڙن چونڊون وڙهيون ۽ بُري طرح هارائي ويا. انهن چونڊن جي نتيجي ۾، عمران خان جي حڪومت ٺهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ٻئي آزمائش تائين عمران خان جي منصوبي جو حصو بڻجڻ تي مجبور ڪيو ويو.

– 2024 جي چونڊن ۾، خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ڇهه سيٽون کٽيون ويون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر خفيه هٿن ايم ڪيو ايم کي متحد ڪيو ۽ هن ڀيري عمران خان مخالف اتحاد ۾ پناهه ورتي.هن وقت ايم ڪيو ايم ملڪ جي باقي حصن ۾ ڪراچي مان هڪ دهشتگرد ۽ فاشسٽ سياسي پارٽي طور سڃاتي وڃي ٿي. ان جو باني الطاف حسين، عمران خان وانگر، بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کان متاثر هو، ۽ ايم ڪيو ايم جي قيام پڻ عوامي ليگ جي هڪ دهشتگرد تنظيم، مُڪتي بهني جي نموني تي ڪئي وئي هئي، جيڪا سياسي مطالبن يا بليڪ ميلنگ لاءِ طاقت ۽ بدمعاشي استعمال ڪندي آهي.ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ، بوري بند لاشن، ڀتا خوري، بليڪ ميلنگ،ڀُنگ عيوض اغوا ۽ ٻين مجرمانه ڪاررواين ۾ پڻ ملوث رهي آھي.بدقسمتي سان، ايم ڪيو ايم پنهنجي فاشسٽ سياست ذريعي، اردو ڳالهائيندڙن جي "سافٽ اميج” کي نقصان پهچايو آهي. ملڪ جي باقي حصن ۾، ڪراچي جهڙي روشنين واري شهر ۾، امن امان ۽ جان ۽ مال جي تحفظ وارو اهميت جو حامل آهي۔ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جو تازو بيان پراڻي پوکيل نفرت جي ٻج کي ظاهر ڪري ٿو انڪري سنڌي قوم بلخصوص پيپلز پارٽي کي ان حوالي سان سنجيده قدم کڻڻ گهرجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.