ڊاڪٽر آڪاش انصاري شاعر۔اديب ۽ انسان دوست ماڻهو هو ۽ اهڙي علمي شخصيت کي ڪير به وساري نٿو سگهي ۔ اهو مڃون ٿا ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خون سان نيٺ انصاف ٿي ويو ۽ حيدرآباد جي عدالت جي جج خون ثابت ٿيڻ تي ڊاڪٽر جي پاليل پٽ لطيف آڪاش کي ڦاهي جي سزائي ٻڌائي ڇڏي ۔ هي لفظ لکڻ وقت عقل جواب ڏئي ٿو وڃي۔اهو ٻڌائڻ وقت زبان بيهي ٿي رهي ۽ هٿ لکڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ اهو ڪيئن لکجي ۽ مڃجي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي۔ٿڌا شوڪارا ڀري اهو مڃڻو پوندو ته هن جديد ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ سنڌ ئي آهي جنهن ۾ منشيات ۽ آئيس جهڙو نشو واپرائڻ کانپوءِ پٽ پنهنجي عظيم رشتي پيءُ کي قتل ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري۔اهو نشو ئي آهي جيڪو پيءُ ۽ پٽ کي هڪٻئي کان جدا ڪري رهيو آهي ۔
ڊاڪٽر آڪاش کي پيٽ ڄائو پٽ ته نه هو پر هن لطيف آڪاش عرف وشال لطيف کي گود ۾ ورتو ۽ کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان سانڍي وڏو ڪيو۔جيڪو جوان ٿيڻ کان پوءِ غلط صحبت ۾ اچي ويو ۽ آئيس جو موالي ٿي ويو۔پڙهائي لکائي تي سندس توجهه گهٽجي ويو ۽ پيءُ لاءِ عذاب بنجي ويو۔کيس ڪوبه روزگار نه هو ۽ بيروزگار هئڻ ڪري وٽس پئسو ڏوڪڙ نه هئڻ ڪري گهر مان پئسا چوري ڪري پنهنجي پوري ڪندو هو۔۔ڊاڪٽر آڪاش جي نصيحتن مٿس ڪوبه اثر نه ڪيو۔پيءُ جي محبت ۽ هدايت نفرت ۾ بدلجڻ لڳي۔پيءُ ۽ پٽ ۾ اختلاف وڌندا ويا ۽ وشال لطيف پيءُ جو جاني دشمن ٿي پيو۔ڊاڪٽر آڪاش جو اصل نالو اله بخش هو ۽ هو بدين جو رهواسي هو۔هن وقت مرحوم پنهنجي گهرواري ۽ پاليل پٽ وشال سان گڏ قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهندو هو۔جتي کيس سندس آئيس واپرائيندڙ پاليل پٽ ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو هو ۔
پيشي جي حوالي سان آڪاش انصاري ڊاڪٽر هو سماجي ڪمن ۾ ڪافي اڳڀرو رهيو،جڏهن ته مقامي سنڌي ماڻهن کي تيل ڪمپني ۾ روزگار نه ملڻ تي ڪمپني خلاف وڏي جدوجهد ڪيائين جيڪا به سندس وڏي سڃاڻپ رهي۔ کيس نظم لکڻ جو وڏو عبور رهيو. ڊاڪٽر سان ڪافي ويجهڙائي رهي۔ساڻس رس رهاڻ ۽ مختلف گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي۔پاڻ حيدرآباد مان روزانه سوال اخبار به ڪڍيائين ۽ مونکي مضمون لکڻ جو چيائين ۽ پوءِ آئون ڪافي مضمون سوال اخبار ۾ موڪليندو رهندو هئس جيڪي ڇپبا رهبا هئا۔پاڻ بي لوث ۽ پنهنجي ڌرتي سان عشق ڪرڻ وارو ماڻهو هو۔شاعري سان گڏ سنڌ لاءِ ڪيل باقي خدمتون به وساري نٿيون سگهجن ۔
هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته منشيات آئيس نه هجي ها ته، نه لطيف آڪاش عرف وشال نشو واپرائي ها ۽ نه ئي اهڙي قسم جو دردناڪ ۽ جيءَ جهوريندڙ واقعو پيش اچي ها۔ نشو انسان کي حيوان بنائي ڇڏي ٿو۔نشي ۾ ماءُ پيءُ جي ساڃاهه ختم ٿي وڃي ٿي ۔ نه ڄاڻ ٻيا به ڪيترائي لطيف آڪاش جهڙا خوبصورت نوجوان اسڪول وڃڻ بدران منشيات آئيس جهڙو نشو واپرائي پنهنجا گهر ۽ جوانيون اجاڙي تباه ڪري رهيا آهن۔بدقسمتي سان اسان هڪڙا نوجوان دفن ڪري وري ٻيا جنازا کڻندا رهون ٿا ۔
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ منشيات هڪ ڪاروبار بنجي ويو آهي،جنهن ۾ پ۔پ۔پ سان تعلق رکندڙ وڏا ماڻهو ۽ پوليس پاڻ ۾ ٻٽ بڻيل آهن۔هر قسم جي منشيات هلائڻ جا ڊيلر ۽ ان قسم جو ڪاروبار ڪندڙ بنگلن جا مالڪ ٿي ويا آهن ۽ پوليس جي باقاعدي منٿلي مقرر ٿيل آهي۔اهوئي سبب آهي جو سڄي سنڌ منشيات جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي ۽ نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آهي۔اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته سڀ پوليس آفيسر به خراب ناهن۔ڪجهه وقت اڳي ماتلي ۾ ماجده پروين هاليپوٽو بدلي ٿي ماتلي آئي۔پاڻ اي ايس پي جي حيثيت ۾ ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ، منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻي مٿن اهڙا ڪيس داخل ڪيا،جنهن کي وڌيڪ وقت رهڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس بدلي ڪيو ويو۔ان حوالي سان اڳوڻي آء جيIG اي ڊي خواجه چيو ته پوليس کي استعمال ڪرڻ وارا اسيمبلي ۾ ويٺل اسيمبلي ميمبر آهن ۽ پوليس کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي۔اهو مڃڻو پوندو ته نشي ۽ هر قسم جي منشيات کي ختم ڪرڻو پوندو۔ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته منشيات جي ڪري پيءُ قتل ٿي ويو ۽ نوجوان پٽ کي ڦاسي ڏني وئي۔ هڪ گهر مان پيءُ پٽ جا جنازا کڄڻ تي هن وقت ڊاڪٽر جو سڄو گهر تباه ٿي ويو ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي۔سڄي سنڌ ڊاڪٽر جي خاندان سان ڏک جي گهڙين ۾ برابر جي شريڪ آهي ۔
هاڻي سڀ ڳالهيون وساري سنڌ حڪومت کي ان ڏس ۾ نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا۔دل چوي ٿي ته اداس دلين ۽ روئندل اکين جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ مرحوم جي شاعري پڙهون۔زندگي جي چيچ ۾ ڇلو پيو ٿئي گهرگهلو يار جلدي ملو۔جيء جبروت جنمن کان ويران آ۔ترسندو ڀلا ڪيستائين قافلو۔يار جلدي ملو۔يار جلدي ملو۔سندس اهي گيت جهونگاري ٻه ٽي پير ڀري اچو ته ساڻس ملڻ لاءِ سندس آخري آرام گاه تي هلي قل پڙهي دعا گهرون ۽ تربت تي گلاب جا تازا گل رکي اچون۔