گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيل وڌيڪ 12 ماڻهن جي سڃاڻپ

ڪراچي (رپورٽر)گل پلازا سانحي ۾ سڙي فوت ٿيل 12 وڌيڪ ماڻهن جي باقيات جي سڃاڻپ ڪئي وئي، سي پي ايل سي ذريعن موجب 12 فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اينٽي مارٽم ڊيٽا ۽ گل پلازا ۾ موجودگي جي ثبوت ذريعي ڪئي وئي، سي پي ايل سي ذريعن ٻڌايو ته نارٿ ناظم آباد کان شاپنگ لاءِ  آيل هڪ خاندان جي 3  ڀاتين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، انهن جي سڃاڻپ عمر نبيل، سندس زال ڊاڪٽر عائشه ۽ پٽ علي جي باقيات جي سڃاڻپ اينٽي مارٽم ڊيٽا ذريعي ڪئي وئي، ان کان سواءِ خضر علي، حيدر علي، عامر علي، ابو بڪر، ياسين، صداقت الله، يوسف خان، نعمت الله ۽ عبدالله جي باقيات جي سڃاڻپ اينٽي مارٽم ڊيٽا ذريعي ڪئي وئي آهي، سي پي ايل سي ذريعن ٻڌايو ته سڃاڻپ کان پوءِ، 12 فوت ٿيلن جي باقيات مائٽن حوالي ڪيون ويون، ذريعن موجب گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيندڙن مان 39 ماڻهن جي سڃاڻپ هاڻي تائين ٿي چڪي آهي، 20 جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي، 6 جي چهري جي سڃاڻپ ذريعي ۽ هڪ جي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ٿي آهي،  جڏهن ته گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 79 آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.