ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نئين فرنچائز حيدرآباد جي مالڪ فواد سرور ٽورنامينٽ جي 11هين ايڊيشن کان اڳ ٽيم جي نالي ۽ لوگو بابت تفصيل شيئر ڪري ڇڏيا.
هڪ انٽرويو ۾ حيدرآباد ٽيم جي مالڪ فواد سرور تصديق ڪئي ته ٽيم جو نالو ۽ لوگو اڳ ئي فائنل ٿي چڪا آهن، جنهن جي باظابطا لانچنگ 11 فيبروري تي ٿيندڙ پي ايس ايل پليئر آڪشن دوران ڪئي ويندي.
هن چيو ته ”اسان لانچ لاءِ هڪ وڏو ايونٽ پلان ڪري رهيا آهيون.“
ٽيم جي ڪپتان جي چونڊ بابت سوال تي فواد سرور واضح ڪيو ته قيادت ڪنهن به رانديگر کي سينيارٽي يا شهرت جي بنياد تي پاڻمرادو نه ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته ڪو به رانديگر، ڀلي اهو پاڪستاني هجي يا پرڏيهي، رڳو وڏي نالي يا سينيئر هئڻ جي بنياد تي ڪپتاني جو حقدار ناهي. اسان جو پنهنجو سليڪشن پروسيس آهي ۽ مڪمل صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو، ڪپتان ڪو به ٿي سگهي ٿو، اصل ڳالهه سٺي قيادت آهي، جيڪو به ان معيار تي پورو لهندو ان کي اها ذميواري ڏني ويندي.
فواد سرور اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم لاءِ به پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪندي کيس پنهنجو پسنديده ڪرڪيٽر قرار ڏنو.
هن چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته هو بابر اعظم کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ چاهيندو.
هن وڌيڪ چيو ته يقينن هر ٽيم کيس حاصل ڪرڻ چاهيندي، في الحال اسان ڪنهن ٻئي رانديگر بابت نه سوچيو آهي. جڏهن اسان کي خبر پوندي ته ڪهڙا رانديگر پنهنجي موجوده فرنچائزز طرفان برقرار رکيا ويا آهن، تڏهن اسان فيصلا ڪنداسين.
واضح رهي ته حيدرآباد فرنچائز اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيسن گليسپي فرنچائز جو هيڊ ڪوچ هوندو، جڏهن ته گرانٽ بريڊبرن ۽ ڪريگ وائٽ کي اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پي ايس ايل جي 11هين ايڊيشن ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي 8 ڪيو ويو آهي، جن ۾ حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ نيون فرنچائزز طور شامل آهن.
پي ايس ايل جو 11هون ايڊيشن 26 مارچ کان شروع ٿيندو، ٽورنامينٽ جو فائنل ميگا ايونٽ جي ٻن تاپ ٽيمن و چ ۾ 3 مئي تائين تي ٿيندو.