آمريڪا ۾ ڀارت ڄائي سائبر سيڪيورٽي چيف حساس ڊيٽا ليڪ ڪري ڇڏي، ٿرٿلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائبر سيڪيورٽي ايجنسي جي ڀارت ڄائي عبوري سربراهه حساس دستاويز چيٽ جي پي ٽي تي شيئر ڪري ڇڏيا.
آمريڪي اخبار موجب مڌو گوتمڪلا سائبر سيڪيورٽي بابت مواد هٿرادو ڏاهپ جي پليٽ فارم تي اپ لوڊ ڪيو.
آمريڪي اخبار ٻڌايو ته اپ لوڊ ڪيل دستاويز رڳو دفتري استعمال جي زمري ۾ ايندا هئا، واقعي کانپوءِ آمريڪا جي گهرو ۽ سلامتي کاتي ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
آمريڪي اخبار موجب گوتمڪلا آمريڪي سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفرا اسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي جو عبوري سربراهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.