جنگي تياري، ايراني فوج ۾ هڪ هزار نوان ڊرون شامل

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي عسڪري ڍانچي ۾ هڪ هزار اسٽريٽجڪ ڊرونز شامل ڪيا ويا آهن.
ايراني ميڊيا موجب اهو قدم ايراني فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل امير حاتمي جي حڪم تي عمل ۾ آيو، اهي نوان ڊرون فوج جي عملي صلاحيتن ۾ واڌ ڪندا.
اها ڊرون ايراني فوج جي ماهرن بچاءَ واري وزارت جي سهڪار سان تيار ڪيا آهن، انهن جي تياري اڀرندڙ خطرن ۽ جون 2025 ۾ ٿيندڙ 12 ڏينهن جي جنگ دوران حاصل تجربن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.
اهي بنا پائلٽ جي جهاز حملي، جاسوسي ۽ اليڪٽرانڪ وارفيئر لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي زميني، بحري ۽ فضائي حدن ۾ موجود متحرڪ ۽ غير متحرڪ هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ايراني ميڊيا موجب انهن ڊرونز جي شموليت جي حڪم کانپوءِ ميجر جنرل امير حاتمي چيو ته مستقبل جي خطرن کي ڏسندي اسٽريٽجڪ سرسي کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ فوج جي مستقل ترجيح آهي، انهن قدمن جو مقصد تيز رفتار جنگي تياري کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.