تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اڳوڻي سيڪريٽري علي شمخاني خبردار ڪيو آهي ته ايران تي آمريڪا طرفان ڪنهن به فوجي ڪارروائي کي مڪمل جنگ جي شروعات سمجهيو ويندو.
علي شمخاني چيو ته اهڙي حملي جي جواب ۾ ايران ترت، گڏيل بي مثال ردعمل ڏيندو، جنهن ۾ تل ابيب کي نشانو بڻائڻ به شامل هوندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران جي دفاعي ڪائونسل جي ميمبر علي شمخاني اھا وارننگ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڏني.
اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي دستن جي تازين مقررين جي ردعمل طور ڏنو ويو.
علي شمخاني محدود فوجي حملي جي تصور کي رد ڪندي چيو ته آمريڪا طرفان ڪنهن به نوعيت جي ڪارروائي کي جنگ جي شروعات سمجهيو ويندو.
هن لکيو ته ”محدود حملو هڪ خواب آهي، آمريڪا طرفان ڪنهن به هنڌ ۽ ڪنهن به سطح تي ڪيل فوجي ڪارروائي کي جنگ جي شروعات سمجهيو ويندو،
۽ ان جو جواب فوري، جامع هوندو، جيڪو تل ابيب جي سڀني حامين کي نشانو بڻائيندو.“
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو هو ته هڪ تمام وڏو سامونڊي ٻيڙو ايران طرف وڌي رهيو آهي، جيڪو وينزويلا ڏانهن موڪليل ٻيڙي کان به وڏو آهي ۽ ان جي قيادت عظيم جهاز بردار بحري جهاز ابراهم لنڪن ڪري رهيو آهي.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته وينزويلا وانگر، هي بحري ٻيڙو به ضرورت پوڻ تي طاقت ۽ تشدد ذريعي پنهنجو مشن فوري طور مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اميد آهي ايران جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي ايندو ۽ اميد آهي ته ايران منصفاڻن ۽ برابري وارن شرطن تي معاهدي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهڙو معاهدو جنهن ۾ ڪو به ايٽمي هٿيار شامل نه ھجي ۽ سمورين ڌرين لاءِ بهتر هجي.
You might also like