اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪئي آهي.
ٻنهي اڳواڻن مٽجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ پائيدار ۽ سفارتي ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم ۽ ايراني صدر ٻه طرفو سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي رابطا ۽ مشاورت جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
You might also like