ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو في تولو سون ساڍا 5 لک رپين کان وڌي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ في تولي سون جي اگهه ۾ 21 هزار 100 رپين جي وڏي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 5 لک 51 هزار 662 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 19 هزار 80 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 72 هزار 961 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 211 ڊالر وڌي 5293 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like